ٽارپين تارپين

ٽارپين/ تارپين (Turpantine):هڪ قسم جو ڪيڙا مار تيل آهي، جنهن جو رنگ اڇو پاڻيءَ جهڙو ۽ بوءِ تيز ٿيندي آهي، هي تيل کليل هوا ۾ اڏامي ويندو آهي. هيءُ تيل جراثيم ڪش آهي، تنهنڪري جانور جي ٻاهرئين توڙي اندرئين زخم جي ڪيڙن کي مارڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. جانورن جي پيٽ ۾ گول ڪيڙن کي آنڊن ۾ ختم ڪرڻ لاءِ به تارپين تيل پياريو ويندو آهي.تارپين ڪاٺيءَ جي پالش کان سواءِ پينٽنگ ۾ پڻ ڪم ايندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو